ملير ۾ ٻرڙا برادري جو پوليس خلاف احتجاج

ملير (ڊ.ر) ٻرڙا برادري جو شاهه لطيف پوليس خلاف ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو، لينڊ مافيا ٽولي جي چُرچ تي پوليس  محمد عظيم ٻرڙو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو، محمد عظيم جي ليز پلاٽ تي قبضو ڪندڙن کي ون فائيو  مددگار پوليس گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي آئي ته ايس ايڇ او شاهه لطيف جوابدارن بدران فريادي کي لاڪپ ڪري ڇڏيو، شاهه لطيف پوليس لينڊ مافيا ٽولي جي سرپرستي ڪري رهي آهي، مظاهرين، خبر موجب ؛ ٻرڙا برادري جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ حافظ محمد عمر ٻرڙو، سخي ٻرڙو، محمد خان ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ شاهه لطيف پوليس خلاف ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته شاهه لطيف ٽائون جي سيڪٽر B ۾ محمد عظيم ٻرڙو جي پلاٽ تي لينڊ مافيا ٽولي جا اڳواڻ ظفر شاهه، اختر شاهه سندس ساٿي زبردستي قبضو ڪري رهيا هئا جڏهن عظيم ٻرڙو ون فائيو مددگار پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس پهچي جوابدارن کي گرفتار ڪري شاهه لطيف ٿاڻي تي وٺي آئي پر ايس ايڇ او شاهه لطيف جوابدارن جي سرپرستي ڪندي فريادي محمد عظيم ٻرڙو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، جنهن کي بعد ۾ علائقي جي معزز ڇڏائي ورتو، هنن چيو ته ظفر شاهه، اختر علي شاهه لينڊ مافيا ٽولي جا سربراهه آهن جيڪي شاهه لطيف ۾ غريب ماڻهن جي پلاٽن تي شاهه لطيف پوليس جي سرپرستي ۾ قبضا ڪرائيندا آهن، شاهه لطيف پوليس جو ايس ايڇ او لينڊ مافيا ٽولي جي مدد ڪندو آهي، هنن چيو ته شاهه لطيف ٽائون ۾ ايم ڊي اي جي ليز پلاٽن تي جعلي ڪاغذ ذريعي قبضو ڪندڙ بااثر ٽولو پوليس کي هر پلاٽ تي 50 هزار کان هڪ لک رپيا ڀتو ڏيندو آهي ۽ پوليس ان ڪري لينڊ مافيا ٽولي سان ٻٽ بڻيل آهي، اسان آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملير کان اپيل ٿا ڪريون ته بااثر لينڊ مافيا ٽولي خلاف ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.