لاڙڪاڻي ۾ ڦر مزاحمت تي نوجوان گوليون هڻي مرڻينگ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد پوسٽ آفيس واري علائقي ۾ موٽر سائيڪل ڦر دوران هٿياربند ڦورن جي خوف  کان ڀڄي جان بچائڻ جي ڪوشش تي هٿياربند ڦورن گوليون هڻي ڪرمان باغ واسي بئڪري جي ملازم نوجوان محمد زيب پٽ اعجاز احمد شيخ کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي سندس وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.  ان موقعي زخمي نوجوان جي چاچي رياض شيخ ٻڌايو ته محمد زيب منهنجي ڀاڄائي ۽ سندس ٻارن کي موٽر سائيڪل تي کڻي پوسٽ آفيس واري علائقي ۾ مائٽن ڏانهن ويو جتي چئن موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ڦورن کانئس موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي هو خوف وچان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته هٿياربند ڦورن کيس گوليون هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. هن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث ڦورن کي گرفتار ڪري اهڙو ڪيس داخل ڪيو وڃي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين اهڙو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.