ٽنڊي آدم ۾ آپريشن تيز، متاثرن جون دانهون

ٽنڊوآدم ( ت ر ) عدالتي حڪمن جي پوئيواري ۾ آبپاشي کاتي پاران سوئي ڪندر شاخ جي ڪپرن تي ٻئي ڏينهن به ناجائز حددخلين  خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز جتوئي ، سب انجينيئر ذوالفقارسومرو پوليس اٽالن سان گڏ آپريشن ڪري ڀٽ شاھ موريءَ کان ساند موريءَ تائين 4 هارين ڌرموڪولهي، نارو ڪولهي ، والو ڪولهي ۽ ڏيوجي ڪولهي جي گهرن سميت 4 ڄڻن خالد ساند، لکاڏنو ساند، گل محمد بلوچ ۽ ڪريمداد ساند جون هوٽلون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون ڳوٺاڻن ڪابه مزاحمت نه ڪئي.  سياسي سماجي ڌرين چونڊيل عيوضين سندن ڪابه مدد نه ڪئي آهي جيڪي بي يارو مددگار ٿي روڊ تي اچي ويا آهن . ٻئي طرف مقامي انتظاميه جي ٻه اکيائي تي نظر  وجهبي ته عدالتي حڪمن تي حد دخلين خلاف آپريشن رڳو ٻهراڙي وارن علائقن تائين محدود ڪيو ويو آهي ٽنڊوآدم شهر جون مک بازارون ، شاهي بازار ، بمبئي بازار ، سونارڪي مارڪيٽ ، ريشم گهٽي، لوهار گهٽي، گولاني گهٽي ، ايم اي جناح روڊ ، محمدي چوڪ ، گوشت مارڪيٽ، مڇي مارڪيٽ ، گاھ منڊي ، ڪالي روڊ ، بنگله روڊ ، لطيف گيٽ، لياقت روڊ ، ٽنڊوالهيار روڊ ، ٻيراڻي ڦاٽڪ سميت 100 کان وڌيڪ گهٽين ، روڊن ۽ رستن تي ناجائز قبضا ڪري دڪاندارن فوٽ پاٿون به اندر ڪري ڇپرا اڏي نالين ۽ لنگهن تي به قبضا ڪري ڇڏيا آهن جنهن سبب لکين شهري سخت مشڪلاتن ۾ آهن انتظاميه پاران ڪيترائي ڀيرا رڪارڊ جي پورائيءَ لاءِ آپريشن ڪيا ويا آهن جيڪي سڀ جا سڀ ناڪام رهيا آهن ڄاڻايل آپريشن تي ميونسپل انتظاميه  لکين روپيا خرچ ڪري ٻوڙيا ويا هتان جي سياسي سماجي حلقن پاران ٻهراڙيءَ جي ماڻهن خلاف ڪيل ٽارگيٽ آپريشن ڪري سندن اجها ڊاهي  بي گهر ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چونديل عيوضين کان ڪردار ادا ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.