ٽنڊو غلام حيدر ۾ ٽئين ڏينهن به آبپاشي عملي پاران آپريشن جاري، متاثرن جو احتجاج

ٽنڊو غلام حيدر  ۾ ٽئين ڏينهن به آبپاشي عملي پاران عدالتي حڪم تي ڦليلي ڪينال مان نڪرندڙ مبارڪ واھ شاخ تان ناجائز اڏاوتن خلاف آپريشن جاري آهي ، آبپاشي عملي ڪاروائين کي تيز ڪندي شاخن جي ڪپن تان لکين روپين جي ماليت جي غيرقانوني اڏاوتن سميت مسڪين پورهيت هارين جا اجها به  ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، جنهن بعد ڪيترائي مسڪين پورهيت هاري بي يارو مددگار بڻجي ويا.ٻئي پاسي متاثرن صحافين اڳيان دانهندي چيو ته آپريشن دوران اباڻا گهر ڊاهي بي گهر ڪيو ويو آهي ، هنن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته اسان سان انصاف ڪري رهڻ لاءِ جاءِ ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.