حيدرآباد : حقن جي حاصلات لاءِ سڀني کي هڪ ٿيڻو پوندو: مزدور يونين اڳواڻ

سنڌ ۾ انساني حقن لاءِ جاکوڙِيندڙ تنظيمن ۽ مزدور يونين جي اڳواڻن چيو آھي تھ ملڪ جا حڪمران، سرمائيدار ۽ جاگيردار پنھنجن مفادن جي تحفظ لاءِ ھڪ آھن، سنڌ جو مزدور، ھاري، شاگرد، وڪيل پنھنجي جنگ الڳ الڳ پليٽ فارمن تي وڙھي رھيو آھي، اسان سڀني کي منظم ٿيڻو پوندو، جيستائين اسان پنھنجن حقن لاءِ گڏجي جدوجھد نھ ڪنداسين، حق حاصل ٿي نھ سگھندا.ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان حيدرآباد چيپٽر طرفان “هوم بيسڊ ورڪرز جي حقن جو تحفظ” جي عنوان ھيٺ مشاورتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. گڏجاڻي جي مختلف انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻن، سماج سڌارڪن ۽ مذدور يونين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڇ آر سي پي سنڌ چيپٽر جي وائيس چيئرمين قاضي خضر، نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري ناصر منصور،  ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو تھ ملڪ جو بالادست طبقو ھڪٻئي جي مفادن جو تحفظ  ڪري ٿو ،  اسان کي گروھن ۾ ورھايو ويو آھي، جيستائين ھڪ آواز ٿي گڏيل جدوجھد نھ ڪنداسين، حق حاصل ڪري نھ سگھنداسين. پروگرام ۾ غفرانه آرائين، شڪيلا خان، جاويد سوزهالائي، رحمت اللھ سولنگي، لالا حليم ۽ صحافين مقبول ملاح، جاني خاصخيلي، يوسف ميربحر، پون ڪمار ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.