شاھنواز ڏھاڻي: لاڙڪاڻي کان ملتان سلطانز تائين جو سفر

سنڌيڪار: سرمد سولنگي

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ کو آوڙ خان ڏھاڻي ۾ ھڪ نوجوان ٻني ٻاري ۾ پنھنجي پيءُ ۽ ڀاءُ جو ھٿ ونڊائيندو ھو پر جيئن ئي ڪم مان واندو ٿيندو ھو تھ ٽيپ بال ڪرڪيٽ کيڏڻ ھليو ويندو ھو، ھن جي پيءُ کي سندس ڪرڪيٽ کيڏڻ پسند نه ھو، والد جي خواھش ھئي پٽ لکي پڙھي سرڪاري آفيسر بڻجي.

اها ڪھاڻي آھي پاڪستان سپر ليگ 2021 ۾ ملتان سلطانز طرفان پنھنجو پي ايس ايل ڪيريئر شروع ڪندڙ نوجوان فاسٽ بالر شاھنواز ڏھاڻي جي ۽ ھن ڪھاڻي ۾ گھڻي نواڻ به نه آھي، ڇاڪاڻ ته ھن ملڪ ۾ لکين گھر اھڙا ھوندا، جتي پورھيت طبقي جا والدين پنهنجن ٻارن جي بھترين مستقبل لاءِ ڪوششون ڪندا آهن ته ھو اھڙي ڪيريئر جي چونڊ ڪن جتي لاھا چاڙھا گھٽ ئي ھجن، جڏھن ته سندن نظر ۾ پروفيشنل راند اھڙو ڪيريئر ناھي پر شاھنواز ڏھاڻي لاءِ ھڪ ٻيو مسئلو اھو پڻ ھو ته سندس والد گھر ۾ ٽيليويزن جو به سخت مخالف ھو، ڇاڪاڻ کيس خبر ھئي ته جيڪڏھن گھر ۾ ٽي وي آئي ته پٽ پڙھائي ڇڏي ڪرڪيٽ ڏسڻ ۾ لڳي ويندو.

شاھنواز پيءُ جي خواھش جو احترام ڪندي بي ڪام تائين تعليم ته حاصل ڪئي پر سرڪاري آفيسر بڻجڻ بجاءِ ڪرڪيٽ سان پنھنجو ڳانڍاپو نه رڳو برقرار رکيو پر ان ۾ ئي پنھنجي مستقبل جي ڳولا شروع ڪري ڇڏيائين، ان جو ئي نتيجو آھي جو اڄ ھو 22 ورھين جي نوجوان فاسٽ بالر جي حيثيت سان پاڪستان سپر ليگ جي ايمرجنگ ڪيٽگري (نوجوان رانديگر جي فھرست) ۾ جاءِ ٺاهي چڪو آھي ۽ هن ڪراچي جي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پشاور زلمي خلاف پنھنجي پھرين مئچ ۾ ئي زبردست بالنگ ڪري ڪرڪيٽ ماھرن ۽ مداحن کي پنھنجو ديوانو بڻائي ڇڏيو آھي.

ان مئچ ۾ شاھنواز ڏھاڻي پھرين ٽن اوورن ۾ زبردست بالنگ ڪندي زلمي جي بيٽسمينن کي ڏاڍو پريشان ڪيو، جڏھن ته سندس چوٿون اوور ٿورو مھانگو ثابت ٿيو پر ھو ان مئچ ۾ پنھنجي اھميت مڃرائڻ ۾ ڪامياب رھيو، ھن چئن اوورن ۾ 44 رنسن عيوض ٻن رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري.

شاھنواز ڏھاڻي جي ڳوٺ ۾ ڪجهه ايڪڙ زرعي زمين آھي، جتي ڪڻڪ ۽ سارين جي پوک ڪئي ويندي آھي، جڏھن ته ڪجھه ايڪڙن تي ٻڌل زيتونن جو باغ پڻ آھي، ھن ڪرڪيٽ جي شروعات ٽيپ بال ڪرڪيٽ کيڏندي پنھنجي ڳوٺ کان ڪئي، کيس بي صبريءَ سان اھو انتظار ھوندو ته ڪنھن مھل ٻني ٻاري جو ڪم ختم ٿئي ۽ ھو ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ وڃي سگھي ۽ جيستائين ھو ميدان تي نه پھچندو سندس ساٿي راند شروع نه ڪندا ھئا، ڪڏھن ڪڏھن ته کيس کڻڻ لاءِ سائيڪل يا موٽرسائيڪل اماڻي ويندي ھئي.

ھارڊ بال ڪرڪيٽ ۾ ڪيرئير ٺاھڻ جي ڪھاڻي ٻڌائيندي شاھنواز چوي ٿو ته ھڪ ڏينھن لاڙڪاڻي ريجنل ڪرڪيٽ جو ھڪ عھديدار سندس ڳوٺ آيو ۽ بالنگ ڏسي لاڙڪاڻي جي انڊر 19 جي ٽرائل ۾ اچڻ جي دعوت ڏنائين، ھو جڏھن ٽرائلز ڏيڻ ويو ته وٽس بوٽ ۽ جورابا ڪون ھئا، جيڪي ڪنهن دوست کان اڌارا وٺي اتي پھتو، ان وقت تائين شاھنواز ھارڊ بال ڪرڪيٽ نه کيڏي ھئي پر ٽرائلز ۾ ڪاميابي ماڻي ھو انڊر ڊسٽرڪٽ ٽورنامينٽ کيڏڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

پنھنجي ڪلب ڪرڪيٽ جي شروعات شاھنواز ڏھاڻي لاڙڪاڻي جي الشھباز ڪرڪيٽ ڪلب طرفان کيڏندي ڪئي، سندس وڏو ڀاءُ سنڌ پوليس ۾ سپاهي آھي، جنھن والد جي لاڏاڻي کانپوءِ شاھنواز کي نه رڳو ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏني پر ڪرڪيٽ سان گڏ تعليم جي سلسلي ۾ به سندس ھر ممڪن مدد ڪئي.

شاھنواز گذريل ٻن ورهين کان فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏي رھيو آھي، سندس خوشقسمتي چئبي جو سينيئر ڪرڪيٽرن جي قومي ٽيم ۾ مصروف ھئڻ سبب کيس سنڌ جي فرسٽ اليون ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو ملي ويو ۽ ھاڻ وري ملتان سلطانز کيس پي ايس ايل جي ايمرجنگ ڪيٽگري شامل ڪيو آھي.

سندس ڳوٺ واسين کي پھريان پي ايس ايل جي خبر به نه ھئي، سندس شموليت بعد نه رڳو کين پتو پيو پر ھو ان تي تمام گھڻو خوش پڻ آھن.

شاھنواز ڏاھاڻي جي ڪھاڻي جتي سندس بلند حوصلي ۽ سخت محنت جو داستان آھي، اتي ئي اھو پڻ ٻڌائي ٿي ته نوجوان ٽيلنٽ کي سامھون آڻڻ ۾ پاڪستان سپر ليگ جو انتھائي ڪارائتو ڪردار رھيو آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.