ڄامشورو: لمس يونيورسٽي جي ڊاڪٽرن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسيئيشن سنڌ جي سڏ تي سڄي سنڌ وانگر لمس يونيورسٽي ڄامشوري  ۾ به مطالبن جي مڃتا لاء ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو  ، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسئيشن پاڪستان جي  اڳواڻن ڊاڪٽر سڄڻ هاليپوٽو, ڊاڪٽر عبدالحميد راڌڻ, ڊاڪٽر يعقوب شاهاڻي, ڊاڪٽر رسول بخش بيهڻ, ڊاڪٽر ضمير تنيو, ڊاڪٽر تاج محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاج ڪيو ويو, ان موقعي تي ڊاڪٽر اڳواڻن جو چوڻ هيو ته سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽين، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو سميت سنڌ جي ڪنهن به ميڊيڪل يونيورسٽي توڙي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ ڪم ڪندڙ ڪلينڪ فيڪلٽي کي ڪورونا رسڪ الائونس نٿو ڏنو وڃي

هن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽرن جا مسئلا  فوري طور تي حل نه ڪيا ويا ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.