رهڙڪي : لغاري برادري پاران فصل کي مبينا باهه ڏيڻ واري واقعي خلاف مظاهرو

رهڙڪي۾ زميني تڪرار تان لغاري ۽ ڀٽا برادري ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي،  ڀٽا برادري طرفان لغاري برادري جي فصل کي مبينا باهه ڏيڻ خلاف  ڀٽا برادري  پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ڳوٺ منظور احمد لغاري ۾ ڀٽا برادري جي بااثرن پاران  پورهيت جي تيار فصل کي مبينا طور باهه ڏئي ساڙڻ خلاف احتجاج ڪندي متاثر عبدالمجيد لغاري. غلام نبي لغاري. زاهد حسين ۽ رفيق احمد لغاري  ۽ ٻين چيو ته رات دير سان بااثر غلام مرتضي, عاشق علي ۽ شبير ڀٽو انهن  جي اڌ جريب ڪڻڪ کي مبينا باهه ڏني جنهن سبب زمين سان گڏ انهن  جي اوطاق به سڙي رک ٿي وئي ، هنن چيو ته جوابدار ڌر بااثر هئڻ ڪري انهن جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪرائي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.