ٺري ميرواھ ڀرسان ڳوٺ حاجي وزير ويسر ۾ اسڪول جي عمارت تي قبضي خلاف احتجاج

ٺري ميرواھ  ڀرسان ڳوٺ حاجي وزير ويسر ۾ ڳوٺاڻن پاران  رستو بند ڪرڻ ۽ اسڪول جي عمارت تي قبضي خلاف اسڪول آڏو  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو , ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ  استاد سڪندر علي ويسر ۽ شاگردن  ناديه اقرا ، خاتون شر، ليلان خاتون، ريحانه خاتون، ويسر اياز علي ، مزمل حسين شر ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته بااثر شخص  مراد ويسر ، محمد نواز،  مختيار ويسر، امداد حسين ۽ ٻيا اسڪول تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا،  اسڪول ۾ ايندڙ شاگردن جو  رستو بند ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري شاگردن کي اسڪول اچڻ ۽ تعليم پرائڻ ۾ سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي  ۽ ڪيترن ئي ڏينهن کان شاگرد تعليم پرائڻ کان محروم.بڻيل آھن ،  ڳوٺاڻن تعليم واري صوبائي وزير سميت وس وارن عملدارن کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي عمارت تي قبضو ڪري رستا بند ڪندڙ وڏيري خلاف قانوني ڪاروائي ٻارن جي تعليم متاثر ٿيڻ کان بچائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.