ڪنڌڪوٽ : مير اقبال خان سندراڻي پاران جي يو آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان

ڪنڌڪوٽ  ۾  پيپلز پارٽي جي ايم پي اي مير عابد خان سندراڻي جي سوٽ مير اقبال خان سندراڻي جي يو آء جي مرڪزي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري جي موجودگي ۾ جي يو آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو  اعلان ڪري ڇڏيو ـ  مير اقبال سندراڻي جو چوڻ هو ته جي يو آءِ جي قيادت تي اعتماد ڪندي هن پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي،  ايندڙ اليڪشن ۾ جي يو آءِ  جي اميدوار جي ڀرپور مدد  ڪئي ويندي، ان موقعي تي ڳالهائيندي جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري  جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم طرفان 26 مارچ تي ڪراچي کان حڪومت خلاف لانگ مارچ شروع ڪيو ويندو،  ملڪ جي جيڪا صورتحال آهي ان  جي ذميوار نااھل ۽ سليڪٽيڊ  حڪومت آهي

مولا عبدالغفور حيدري

هن چيو ته پي ڊي ايم جي تحريڪ جو بنيادي مقصد نااھل  ۽ سليڪٽيڊ  حڪومت کي هٽائڻ آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.