”ڳجهي ووٽنگ ٿيڻ گهرجي يا نه فيصلو پارليامينٽ ڪندي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس ۾ چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا آهن ته ڳجهي ووٽنگ ٿيڻ گهرجي يا نه فيصلو پارليامينٽ ڪندي، پارليامينٽ جو اختيار پنهنجي هٿ نه کڻنداسين.

سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.

رضا رباني عدالت کي ٻڌايو ته ڪنهن کي ووٽ ظاهر ڪرڻ تي مجبور نٿو ڪري سگهجي، عارضي قانون سازي ذريعي سينيٽ چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن آئين چئي ٿو ڳجهي ووٽنگ ٿيندي ته ڳالهه ختم، رياست جي هر اداري کي پنهنجو ڪم حدن ۾ رهي ڪرڻو آهي، پارليامينٽ جو متبادل ناهي، جيڪي سوال ريفرنس ۾ پڇيا ويا انهن جو ئي جواب ڏينداسين.

بئريسٽر صلاح الدين چيو ته اٽارني جنرل دليلن ۾ ٻڌايو ته قانون ڇا هجڻ گهرجي، 3 سال پراڻي ويڊيو اوچتو سامهون اچي وئي، چونڊ عمل مان ڪرپشن ختم ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي.

چيف جسٽس چيو پتو لڳائڻو آهي ته سينيٽ چونڊن تي آرٽيڪل 226 لاڳو ٿئي ٿو يا نه.

سپريم ڪورٽ صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.