شهدادپور ۾ پوليس واري جي گهران کاٽ

شهدادپور )ن ع آ) شھدادپور جي چاڪي پاڙي ۾ نامعلوم چور سول ڪورٽ شهدادپور جي پراسيڪيوٽر اي ايس آئي غلام حيدر چنڙ جي گهر جا  تالا ۽ دريون ٽوڙي گهر مان لکين رپين جو جا سونا زيور اٽڪل پوڻا ٻه لک روپيه روڪ قيمتي ڪپڙا ۽ بيو سامان بهاري وياهوڏانهن گهر ڌڻي اي ايس آئي غلام حيدر چنڙ صحافين کي ٻڌايو ته آئون گهر واري نوابشاهه ۾ داخل هجڻ سبب اوڏانهن ويل هئيس پويان نامعلوم چور گهر جا تالا ڪونڊا ۽ دريون ٽوڙي سونا زيور روڪ رقم ۽ قيمتي ڪپڙن سميت ٻيو سامان چوري ڪري ويا آهن. اطلاع تي شھدادپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وڌيڪ جانچ ڪري رهي آهي. واضع رهي ته شھدادپور ۾ ڦورين چورين جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن هتان جي سڃاه وند ڌرين ايس ايڇ او شھدادپور کي هٽائڻ جي گهر ڪئي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.