ڊگهڙي لڳ حد دخلين خلاف آپريشن، دڪان ڊاهي پٽ

ڊگهڙي( ن ع آ ) ڊگهڙي ڀرسان انب موري اسٽاپ تي آبپاشي کاتي طرفان حدخلين خلاف آپريشن ڪيو ويو آپريشن اسسٽنٽ ڪمشنر  ڊگھڙي،ايس ڊي او آبپاشي اختر خاصخيلي،ايس ايڇ او ڊگھڙي آفتاب رند جي سربراهي ۾ پوليس نفري سان حددخليون ڄاڻائي سوين دڪان،هوٽلون،ڪيبنون ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ ڪيا ويا ان موقعي تي متاثر دڪاندارن نظر علي،امداد،عرس ڪلوئي،ڏنو ڪلوئي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته لڳ ڀڳ  اڌ صدي کان آباد هي اسٽاپ جنهن تي اسانجي گذر سفر جو واحد ذريعو ننڍا ننڍا دڪان هوٽلون ڇپرا ۽ ڪيبنون هيون جنهن سان آس پاس جي ڳوٺن جي سوين خاندانن جي گهرن جون چلهيون ٻرندو هيون ۽ مسڪين ماڻهون انهي ڪاروبار مان پنهنجي ٻچن جي پيٽ گذر سان گڏ کين تعليم پڻ فراهم ڪري رهيا هئا،سرڪار پاران حددخليون هٽائڻ واري اڄوڪي هن آپريشن کي اسان غريب دشمن آپريشن سمجهون ٿا هنن چيو ته جيڪڏهن آپريشن ڪرڻو هيو ته هنن مسڪينن جي ٿيل نقصان جو ازالو ڏنو وڃي يا ڪا اهڙي متبادل جڳھ ڏني وڃي جنهن تي اسان پنهنجو ڪاروبار ۽ اجها اڏي سگهون۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.