پاڪستان سپر ليگ: پشاور زلمي هٿان ملتان سلطانز کي شڪست

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي پنجين ميچ ۾ پشاور زلمي ملتان سلطانز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پشاور زلمي ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي ملتان سلطانز مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 193 رنسون ٺاهيون.

ملتان طرفان جيمز ونس 84 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪپتان محمد رضوان 41 ۽ صهيب مقصود 36 رنسن سان اڳڀرا رهيا.

پشاور زلمي طرفان ثاقب محمود 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته محمد عمران ۽ محمد عرفان جي حصي ۾ هڪ – هڪ وڪيٽ آئي.

جواب ۾ پشاور زلمي گهربل هدف 19 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.

فاتح ٽيم طرفان ٽام ڪولر ڪيڊمور 53، امام الحق 48، ڪامران اڪمل 37، حيدر علي 24 رنسون ٺاهيون.

ملتان طرفان شاهنواز ڏاهاڻي 2 وڪيٽون وٺي سڀ کان ڪامياب بالر رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.