اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب براڊ شيٽ جو رڪارڊ انڪوائري ڪميشن کي فراهم ڪري ڇڏيو.
پڌرائيءَ موجب براڊ شيٽ ڪيس ۾ نيب جي 4 اڳوڻن چيئرمينن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن.
گڏوگڏ 3 لاڳاپيل وفاقي سيڪريٽري هلندڙ هفتي رڪارڊ سميت طلب ڪيا ويا آهن، ٽنهي وفاقي سيڪريٽرين رڪارڊ پيش ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت گهريو آهي.
ڪميشن لنڊن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ۽ ٻين آفيسرن جا بيان به رڪارڊ ڪيا آهن.
پڌرائيءَ موجب نيب کان براڊ شيٽ بابت سمورا تفصيل طلب ڪيا ويا هئا.