سريلنڪن ڪرڪيٽر اپل ٿرنگا عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو

 

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪن ڪرڪيٽر اپل ٿرنگا عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب اپل ٿرنگا عالمي ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي 15 ورهين جي ڪيريئر کانپوءِ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو آهي.

کاٻي هٿ سان بيٽنگ ڪندڙ 36 ورهين جي ٿرنگا سرينڪا طرفان31 ٽيسٽ ميچن ۾ هڪ هزار 754، 235 ون ڊي ميچن ۾ 6 هزار 951 ۽ 26 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 407 رنسون ٺاهيون.

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ اپل ٿرنگا چيو مان سمجهان ٿو ته هاڻ عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چوڻ جو وقت اچي ويو آهي.

واضح رهي ته اپل ٿرنگا پنهنجي آخري ٽيسٽ ميچ 2017 ۾ پاليڪيلي ۾ ڀارت خلاف کيڏي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.