دوڙ: آل سنڌ ايمپلائيز جي سڏ تي رٽائرڊ ملازمن جو گروپ انشورنس نه ملڻ خلاف مظاهرو

دوڙ ۾گروپ انشورنس نه ملڻ خلاف رٽائرڊ ملازمن آل سنڌ ايمپلائيز جي مرڪزي صدر محمد عمر خاصخيلي، غلام عباس واسواڻو ،شاھ محمد بروهي ،علي گوهر لاشاري ۽ محمد امين جمالي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب دوڙ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ، ان موقعي تي ڳالهائيندي سندن چوڻ هو ته  ملازمت دوران ملازم جي ئي  پگهارن مان انشورنس جي ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي جنهن مان اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪمپني وارا ڪروڙين روپيا ڪمائين ٿا. هنن چيو ته بلوچستان حڪومت پنهنجن رٽائرڊ ملازمن کي 2009 کان گروپ انشورنس ڏئي  رهي آهي . سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود سنڌ حڪومت اسان کي پنهنجو جائز حق نه پئي ڏئي، هنن پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ  سنڌ کان مطالبو ڪيو ته  کين فوري طور تي گروپ انشورنس ڏنو وڃي  ٻِي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو  ويندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.