سکر : روڊ حادثن کان بچاءَ ۽ ٽريفڪ قانون جي آگاهيءَ لاءِ سيفٽي سيمينار

سکر ۾  روڊ حادثن کان بچاءَ ۽ ٽريفڪ قانون جي آگاهيءَ لاء ايس پي موٽر وي سکر سيڪٽر زاهر نذير ورياه جي نگرانيءَ هيٺ گورنمينٽ عطاء حسين شاهه ڪاليج روهڙي ۾ روڊ سيفٽي سيمينار ڪرايو ويو ، ان موقعي تي موبائل ايجوڪيشن سکر سيڪٽر جي آفيسرن انسپيڪٽر صلاح الدين ۽ سب انسپيڪٽر سرفراز خان شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ڄاڻايل ڪاليج نيشنل هاءِ وي  تي روڊ جي ڀرسان آهي، هيوي  ٽرانسپورٽ ڪاليج جي  گيٽ وٽان گذرڻ سبب شاگردن ۽ استادن کي  ڪاليج اچڻ ۽ واپسي تي گهر وڃڻ دوران  روڊ ڪراس ڪندي  انتهائي احتياط جي ضرورت آهي، جڏهن ته شاگردن ۽ استادن کي پريڪٽيڪلي  روڊ ڪراس ڪرڻ جي محفوظ طريقي، روڊ سيفٽي ليڪچر ۽ روڊ حادثن جي روڪٿام لاءِ روڊ سيفٽي واڪ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن ۽ استادن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڪاليج  جي پرنسپال  مظفر حسين جتوئي روڊ سيفٽي  ڊي جي حوالي سان ڄاڻايل ڪاليج ۾  ڀرپور ڏهاڙو ملهائڻ تي موٽر وي پوليس  جو ٿورو  ادا ڪندي چيو ته  ڄاڻايل ڪاليج ۾  شاگردن جو وڏو  انگ تدريس لاءِ مختلف علائقن کان ايندو آهي، جڏهن  ته ڄاڻايل ڪاليج  نيشنل هاءِ وي جي ويجهو هئڻ سبب خاص احتياط جي ضرورت آهي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.