نوابشاهه : انتظاميه پاران حد دخليون ۽ غير قانوني اڏاوتون ڊاهڻ واري عمل خلاف مظاهرو

نوابشاهه جي ضلعي انتظاميه پاران حد دخليون ۽ غير قانوني اڏاوتون ڊاهڻ واري عمل خلاف طاھر ڪالوني جي رھواسين پاران رمضان خاصخيلي، عبدالقيوم چنه، مور ڏاھري، ڊاڪٽر غفار چنه، مير محمد ڏاھري، محمد سمي قريشي، نديم قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو  ڪري نعري بازي ڪئي وئي ، ان موقعي تي ڳالهائيندي متاثرن جو چوڻ هو ته  حد دخلين جي آڙ ۾ انهن  جا گھر ڊاٿا پيا وڃن جيڪو انهن غريبن سان ظلم ۽ ناانصافي آھي، ھنن چيو ته ضلعي انتظاميه پاران من پسند ماڻھن جا قبضا ڇڏي اسان غريبن جا اجھا ڊاھي اسان کي بي گھر ڪيو  ويو ،  ھنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته انهن کي ڪا متبادل جڳهه ڏني وڃي ۽ ميرٽ تي آپريشن ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.