حيدر شاھاڻي پاران پ پ ڇڏي هڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شموليت جو اعلان

سنڌ ترقي پسند پارٽي ڇڏي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪندڙ پ پ  سنڌ ڪائونسل جي ميمبر، قومپرست اڳواڻ حيدر شاھاڻي پيپلز پارٽي ۾ شموليت کي ھڪ تلخ تجربو قرار ڏيندي ھڪ ڀيرو  ٻيھر سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شموليت جو اعلان  ڪري ڇڏيو ، ترقي پسند ھائوس حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي سميت ايس ٽي پي قيادت سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 8 سالن کان پوءِ ھڪ  ڀيرو ٻيھر پنھنجي گھر ايس ٽي پي ھائوس اچي تمام گھڻي خوشي ٿي آھي.  ھن چيو ته ايس ٽي پي سنڌ جي واحد قومپرست پارٽي آھي، جنھن سنڌين لاءِ حقيقي جدوجھد ڪئي آھي.

ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي حيدر شاھاڻي کي ايس ٽي پي ۾ ھڪ دفعو ٻيھر شموليت ڪرڻ تي ڀليڪار ڪندي چيو ته سياست ھڪ بھتر کان بھتر لاءِ سوچڻ جو نالو آھي ۽ سياسي ڪارڪن سدائين پنھنجي قوم، پنھنجي وطن ۽ پنھنجن ماڻھن جي بھتري لاءِ سوچيندو آھي،. ان موقعي تي محمد اسلم عرف ڪامريڊ لالو لاکو،  حليم نوناري ۽ راجا ڪوھستاني پڻ ايس ٽي پي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.