”ن ليگ اليڪشن بدران سدائين سليڪشن تي ڌيان ڏنو“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ن ليگ اليڪشن بدران سدائين سليڪشن تي ڌيان ڏنو، ڊسڪا جي عوام ن ليگ کي تاريخي شڪست ڏني.

صحافين سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيرآباد، نوشهرا ۾ ن ليگ کي اليڪشن صاف شفاف نظر آئي، ڊسڪا ۾ هارائڻ تي ن ليگ کي ڌانڌلي لڳي، ڏوهارين جي پٺڀرائي باوجود ن ليگ کي ڊسڪا ۾ شڪست ملي.

هن چيو ته مريم نواز ڊسڪا ۾ ڪاميابي جو ٽوئيٽ ڪيو ۽ ڌانڌلي جو ذڪر ئي نه ڪيو، ڊسڪا شهر مان گادي نشيني ۽ جان نشيني جي سياست جو جنازو نڪري ويو، انهن ۾ ظرف آهي نه اخلاقي همت، ڊسڪا چونڊن ن ليگ جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.