ملڪ ۾ بجلي بريڪ ڊائون جي نيپرا جي رپورٽ جاري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرانڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جنوري ۾ بجلي بريڪ ڊائون تي پنهنجي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.

نيپرا چيئرمين 9 جنوري تي سڄي ملڪ ۾ بجلي بريڪ ڊائون جو سخت نوٽيس ورتو هو ۽ ڊي جي انفورسمينٽ اينڊ مانيٽرنگ جي سربراهي ۾ 3 رڪني انڪوائري ڪميٽي جوڙي هئي، جنهن ۾ ٻه ميمبر نجي شعبي مان کنيا ويا هئا.

ان حوالي سان نيپرا رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته جنوري ۾ بجلي بريڪ ڊائون گڊو پاور پلانٽ ۾ خرابي سبب آيو ۽ اهو فالٽ گڊو پاور پلانٽ ۾ 220 ڪي وي جي سرڪٽ بريڪرز کي بند ڪرڻ دوران آيو.

رپورٽ موجب گڊو پاور پلانٽ ۾ ايندڙ فالٽ 220 ۽ 500 ڪي وي جي پهچ جي نظام تائين پکڙجي ويو.

واضح رهي ته 9 جنوري تي سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون تي اپوزيشن حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو هو، جڏهن ته تحريڪ انصاف ان جو ذميوار گذريل حڪومت کي قرار ڏنو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.