عالمي مارڪيٽ ۾ سون مهانگو پر پاڪستان ۾ سستو ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ اڄ معمولي گهٽتائي ٿي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولو سون 50 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 10 هزار 700 رپين جو ٿي ويو آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 43 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 94 هزار 907 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 9 ڊالر واڌ سان 1807 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.