برطانوي فرم براڊ شيٽ شريف فيملي کي لکين رپيا ڀري ڏيڻ تي مجبور

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي فرم براڊ شيٽ کي شريف فيملي کي لکين رپيا ڀرڻا پئجي ويا.

خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽ موجب براڊ شيٽ کي تقريبن 45 لک رپيا شريف فيملي کي ادا ڪرڻا پئجي ويا آهن ۽ براڊ شيٽ جي وڪيلن رقم جي ادائيگي، جڏهن ته شريف فيملي جي وڪيلن رقم وصولي جي تصديق ڪئي آهي.

رپورٽ موجب براڊ شيٽ شريف فيملي کي رقم ايون فيلڊ اپارٽمينٽس اٽيج ڪرڻ جي درخواست عدالت مان واپس وٺڻ تي ليگل فيس جي خرچن جي مد ۾ ادا ڪئي آهي.

ڪوئن ڪائونسل جو چوڻ آهي ته براڊ شيٽ شريف فيملي کي 20 هزار پائونڊ ادا ڪيا آهن.

واضح رهي ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف نواز شريف، آصف زرداري، بينظير ڀٽو ۽ ٻين جي پراپرٽيز جو پتو لڳائڻ لاءِ 1999 ۾ اثاثن جي ريڪوري بابت برطانوي فرم براڊ شيٽ جون خدمتون حاصل ڪيون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.