وفاقي حڪومت پاران ڪشميرين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ واري امڪاني فيصلي خلاف کپري ۾ قوم پرست اڳواڻن اڪبر مري، آزاد ڪنڀر ،شوڪت بڙدي ، مهراڻ سنڌي، ۽ ٻين پاران هٿن ۾ بينر کڻي شهيد چوڪ کپرو تي احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو ، ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ اڳي ئي غير قانوني طور لکين ڌاريا آباد آهن ، وري ڪشميرين کي سنڌ ۾ رهائڻ وارو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، ڪشميرين کي پنهنجي ڌرتي آزاد ڪشمير ۾ رهڻ ڏنو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ مان سڀني غير قانوني ترسيل ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔