عمرڪوٽ: نئين چونڊيل ايم اين اي امير علي شاهه جي مان آجياڻا،عوام جا ٿورا مڃيا

ننگرپارڪر ڇاڇرو جي قومي تڪ تان ڪامياب ٿيل پ پ ايم اين اي جيلاني جماعت جو روحاني پيشوا پير امير علي شاھ جيلاني سوين گاڏين جي قافلي سان ريلي جي صورت ۾ عمرڪوٽ پھتو جتي رضا محمد آريسر پاران ڏنل آجياڻي واري جشن ۾ شرڪت ڪئي ۽ سومرا برادري پاران روشن سومرو پاران آجياڻو ڏنو ويو، رضا محمد آريسر پاران ڏنل آجياڻو جلسي ۽ جشن ۾ تبديل ٿي ويو جنھن ۾ ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي پير امير علي شاھ جيلاني اڳوڻي صوبائي وزير دوست علي راھمون، علي اڪبر راھمون، پير غلام دستگير جيلاني ۽ ٻين خطاب ڪندي ننگر ڇاڇرو جي عوام جا ٿورا مڃيا، امير علي شاھ جيلاني خطاب ڪندي چيو ته سندس ڪاميابي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو جي نظريئي جي فتح آھي ھڪ لک کان وڌيڪ ووٽ ڏئي ٿر جي عوام جمھوريت جي حق ۾ تاريخي فيصلو ڏئي آمرن جي ٽولي کي شڪست ڏئي آئوٽ ڪري ڇڏيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.