تلھار جي مين حيدرآباد روڊ تي واپاري موھن لال ڪوھستاني جي ڊي ايم رائس مل کي اڄ اوچتو باهه وڪوڙي وئي،باهه لڳڻ جا ٻه ٻڌايا پيا وڃن جڏھن ته ڪارخاني ۾ موجود مزدورن عوامي پريس ڪلب تلھار جي صحافين کي ٻڌايو ته ھو صبح جو 5 وڳي ڪارخاني جي مشينري هلائي ويا هئا ، مشينون گرم ٿيڻ بعد بجلي اسپارنگ ڪرڻ لڳي جنھن ڪري باهه لڳي وئي ڪارخاني جي مشينري ۽ ڪاٺ کي باهه لڳڻ سبب مڪمل طور تي سڙي رک ٿي وئي ، اطلاع تي فائربرگيڊ عملو، تلھار ٽائون آفيسر مير منظور علي ٽالپر ۽ اي سي غلام حسين تنيو باهه واري هنڌ پهچي ويا، باهه لڳڻ سبب ڪروڙين رپين جو نقصان ٻڌايو پيو وڃي .