مورو: سينيٽري چيف انسپيڪٽر تي ميونسپل جي ڪچن ملازمن پاران سرن ۽ لٺين سان حملو

موري جا ميونسپل ملازم سرڪاري آفيس ۾ غير محفوظ بڻجي ويا، معمولي جھيڙا ۽ چڪريون روز جو معمول بڻجي ويون، سينيٽري چيف انسپيڪٽر تاج منگي تي ڪچن ملازمن پاران سرن ۽ لٺين سان حملو ڪيو ويو ، ميونسپل انتظاميا جا ملازم خوف وچان خاموش تماشائي بڻيل رهيا ،ان موقعي تي زخمي ميونسپل ملازم تاج منگي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مان پنھنجي آفيس ۾ معمول مطابق ڪم ڪري رھيو ھئس ته اوچتو جوابدار نورسمون، مڪيش ڪمار،سنجي ڪمار،راجا شيخ ۽ ٻين گڏجي مٿس حملو ڪيو ۽ مٿس لٺين ۽ سرن جو وسڪارو ڪري ڏنو ، جنھن جي رپورٽ موري ٿاڻي تي داخل ڪرائي ، جوابدارن مٿس چيف آفيسر جي ھوندي حملو ڪيو آھي،بااثر جوابدارن کي سياسي پٽ ڀرائي آھي جنھن جي ڪري جوابدار بي لغام بڻيل آھن،ٻئي طرف ميونسپل چيف آفيسر عبدالرزاق شيخ جو چوڻ هو ته ڪچن ملازمن،سينيٽري چيف انسپيڪٽر تي ناجائز حملو ڪيو جنھن جي مذمت ڪجي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.