سنڌ ۾ ڪورونا ويڪسين نه لڳرائيندڙ هيلٿ ورڪرز خلاف ڪارروائي شروع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت کاتي ڪورونا ويڪسين جو دائرو وڌائيندي ويڪسين نه لڳرائيندڙ هيلٿ ورڪرز خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.

صوبائي صحت کاتي موجب ضلعي سطح تي قائم ڪورونا ويڪسين مرڪز ۾ ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز کي ويڪسين لڳائڻ جو سلسلو جاري آهي پر ڪجهه هيلٿ ورڪرز طرفان لازمي ويڪسين کان انڪار جو به انڪشاف ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ انهن خلاف محڪماڻي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

کاتي جي پاليسي موجب ويڪسينيشن کان ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي ۽ جيڪڏهن انڪار ڪندو ته نه رڳو ان کي جيڪي بينيفٽ الائونس مليا آهن، اهي روڪيا ويندا پر ري ايمبرز به ٿيندا، ڪورونا ويڪسين جو دائرو هاڻ فرنٽ لائن ورڪرز کان وڌائي نجي شعبي جي ڊاڪٽرن ۽ هيلٿ ورڪرز تائين به پکيڙيو ويو آهي.

سنڌ جي صحت کاتي موجب چين کان درآمد ڪيل ويڪسين ٻن خوراڪن تي ٻڌل آهي، جيڪا 21 ڏينهن جي وقفي سان لڳندي، ايندڙ ڪجهه هفتن دوران ڪورونا ويڪسين ٻين سرڪاري ادارن جي ملازمن سميت عام ماڻهن لاءِ به موجود هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.