ن ليگ اين اي 75 جي سڄي تڪ ۾ ٻيهر چونڊ جي اپيل ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اين اي 75 جي سڄي تڪ ۾ ٻيهر چونڊ جي اپيل ڪري ڇڏي.

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ اين اي 75 ڊسڪا جي ننڍي چونڊ جا نتيجا گم ٿيڻ جي معاملي تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ تڪ جا آر او اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيا.

رٽرننگ آفيسر اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته تڪ ۾ 360 پولنگ اسٽيشنز هيون ۽ پوڻي 2 وڳي تائين 305 پولنگ اسٽيشنز جا نتيجا اچي ويا، 337 پولنگ اسٽيشنز ساڍي 3 وڳي تائين داخل ٿي چڪيون هيون، 20 پولنگ اسٽيشنز جي نتيجن ۾ دير تي انهن سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي، 19 پريزائيڊنگ آفيسرن سان رابطو نه ٿي رهيو هو، رڳو هڪ کي بيل وڃي رهي هئي.

آر او ٻڌايو ته پولنگ اسٽيشن جو 30، 40 ڪلو ميٽرن جو فيصلو هو، 3 پولنگ اسٽيشنز جو نتيجو موجود هو پر اسان داخل نه پئي ڪري سگهياسين، ڇو ته ٻاهر هجوم هو.

چيف اليڪشن ڪمشنر سوال اٿاريو ته فائرنگ ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويو؟ ڇا پوليس تماشو ڏسي رهي هئي؟ آر او صاحب اڄوڪي بيان مان لڳي ٿو ته توهان اڳ واري بيان تان ڦري رهيا آهيو، جيڪڏهن ماحول ٺاهي ماڻهن کي ووٽ وجهڻ نه ڏنو ويو ته ڪنهن نتيجي تي پهچڻو پوندو.

رٽرننگ آفيسر اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته 20 پريزائيڊنگ آفيسرن مان رڳو 7 بيان رڪارڊ ڪرائڻ آيا، موسم جي خرابي سبب پوليس سان وائرليس تي رابطو نه ٿي رهيو هو، 4 پولنگ اسٽيشنز جي نتيجن ۾ پريزائيڊنگ آفيسرن ۽ اميدوارن جي فراهم ڪيل فارم 45 ۾ ڪو فرق نه هو.

اليڪشن ڪميشن ۾ ن ليگ جي اميدوار نوشين افتخار ٻڌايو ته ڊي ايس پي کيس گولي هڻڻ جي ڌمڪي ڏني ۽ پوليس چادر به کسي ڇڏي.

ان موقعي تي ن ليگ جي وڪيل چونڊ ڏينهن بدنظمي جي ويڊيو به هلائي.

پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.