ن ليگ اڳواڻ پرويز رشيد سينيٽ چونڊ لاءِ نااهل قرار

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ٽربيونل ن ليگ اڳواڻ پرويز رشيد کي سينيٽ چونڊن لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل سينيٽ چونڊن لاءِ رٽرننگ آفيسر طرفان نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف پرويز رشيد جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

اليڪشن ٽربيونل جي سنگل رڪني بئنچ جسٽس شاهد وحيد پرويز رشيد جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ڏنو ۽ رٽرننگ آفيسر جي فيصلي کي برقرار رکيو.

اليڪشن ٽربيونل پرويز رشيد جي اپيل رد ڪندي کيس سينيٽ چونڊن لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.

فيصلي کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته ڪاغذ روڪرائڻا هجن ته چون ٿا پرويز رشيد کان پئسا وٺڻا آهن ۽ پرويز رشيد پئسا ڏيڻ آيو ته چون ٿا پئسا ناهن وٺڻا، پنجاب هائوس جي انتظاميا انصاف وارن جي انتظاميا آهي.

هن چيو ته ان فيصلي خلاف مان سپريم ڪورٽ ويو آهيان ۽ جيستائين سپريم ڪورٽ فيصلو نٿي ڪري اها پئسا منهنجي ذميواري نٿي ٺهي.

واضح رهي ته پرويز رشيد جي نامزدگي ڪاغذن تي پي ٽي آءِ جي وڪيل اعتراض واريو هو ۽ رٽرننگ آفيسر پنجاب هائوس انتظاميا جون رهتون هجڻ جي بنياد تي سندس ڪاغذ رد ڪيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.