پليجو سنڌين جو سونهون رهندو، باڊهه ۾ سالگره

باڊھ (ن ع آ) باڊھ قومي عوامي تحريڪ يونٽ باڊھ طرفان يونٽ جي اڳواڻن وحيد ڪانڌڙو ۽ سرمد واحد سولنگي جي اڳواڻي ۾ ايشيا جي عظيم ڏاھي، مفڪر، اديب، دانشور، قانوندان، قائدِ انقلاب محترم رسول بخش پليجو صاحب جي 91ھين سالگرھ ملهائي وئي ان موقعي تي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو. جڏهن ته پروگرام ۾ باڊه شهر جي مختلف سياسي سماجي ۽ صحافي ڌرين  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جن ۾ وحيد ڪانڌڙو ،سرمد واحد سولنگي،اياز علي ڪانڌڙو ،اشفاق احمد ابڙو،خالد حسين سولنگي، وسيم علي سولنگي، شاهد حسين لاکير، ذوالفقار علي ڀٽي، محمد حنيف سومرو، احسان علي جوڻيجو، صدام حسين شاه، اسدالله گوپانگ، امان الله ساريو، ڪامريڊ جلال ساريو، لالا دين محمد ساريو، عابد علي ميراڻي، محمد امين سيال، حڪيم جهتيال، واحد سنڌي، لالا اختيار علي ابڙو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.  ان موقعي تي اڳواڻن ڳلھائيندي چيو ته رسول بخش پليجو گهڻ رخي شخصيت هو. جڏھن به سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن مٿان ڏکيو وقت ايندو هو ته رسول بخش پليجو سدائين اولين صف ۾ بيهي ڪري سرواڻي وارو ڪردار ادا ڪندو هو,  رسول بخش پليجو سنڌ ۾ ڪارو ڪاري وارن ٿيندڙن واقعن خلاف سگهارو آواز اٿاري سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ شعوري جنگ وڙھيو ۽ ڌرتي جي ڌيئرن کي پنهنجي حقن لاء وڙھڻ سيکاريو . رسول بخش پليجو سنڌ جو وڪيل هو جيڪو, تعليم ۽ صحت جو مسئلو هجي, سنڌو درياء جو مسئلو هجي, ڪالا باغ ڊئم سميت درياء تي ٺھندڙ ڊئمن خلاف ڀرپور نموني آواز اٿاريو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.