تعليم کاتي جا ننڍا ملازم زيادتين جو شڪار، ڳڙهي خيري ۾ مظاهرو

ڳڙھي خيرو(ن ع آ) ڳڙھي خيرو ۾ لوئر اسٽاف پاران ٽائيم اسڪيل, سن ڪوٽا ۽ وردي جا پئسا ھڙپ ڪرڻ خلاف لوئر اسٽاف جي مرڪزي فنانس سيڪرٽري خان محمد بروھي, لوئر اسٽاف جي ضلعي صدر غلام رسول سومرو, تعلقه صدر عبدالغني کنڊ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو, ان موقعي تي خطاب ڪندي لوئر اسٽاف مرڪزي اڳواڻ خان محمد بروھي, ضلعي صدر غلام رسول سومرو, تعلقه صدر عبدالغني کنڊ, عبدالخالق لغاري, ضلعي جنرل سيڪريٽري طارق حسين ۽ ٻين چيو ته لوئر اسٽاف جي مسئلن جي حل لاء سنڌ سطح تي احتجاج ڪيو ويندو, اسان پنھنجي سينارٽي لسٽ ٺاھي ڇڏي آھي, جيڪو به پٽيوالو فوت ٿئي ٿو ان جو ڪم ٽريزري آفيس مان مفت ۾ ڪرائينداسين, وردي جا پئيسا ٽي اي آفيسر کائي ٿا وڃن, ٽي اي او ڳڙھي خيرو کي ٻڌائڻ ٿا چاھيون ته اسان لوئراسٽاف جا حق وڙھي به وٺندا سين, لوئر اسٽاف جي مرڪزي فنانس سيڪريٽري خان محمد بروھي وڌيڪ چيو ته 26 تاريخ تي لوئر اسٽاف جي ملازمن کي خوشخبري ملندي, احتجاجي مظاھري ۾ وڏي تعداد ۾ لوئر اسٽاف جي ملازمن شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.