سڳيون لڳ جديد دور ۾ ڳوٺ کي سهولتن جي کوٽ، ٻار تعليم کان محروم

سڳيون ( رپورٽ: صدورو چنه ) سڳيون ڀرسان ڳوٺ پيروز لڪ جا ٻارڙا هن جديد دور ۾ به تعليم جي زيور کان محروم حڪومت جون تعليمي ايمرجنسي واريون دعوائون رد ڳوٺاڻن نذير حسين لڪ ،گلزار علي لڪ، حضور بخش لڪ، مينهل لڪ ،دريا خان لڪ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تقريبن 100 گهرن جي آبادي رکندڙ ڳوٺ پيروز لڪ ضلعي خيرپور، تعلقو سوڀوديرو، يونين ڪائونسل ڀونڀٽ پور جي ڪچي واري علائقي جو وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺ آهي پر افسوس جو هر دور ۾ اسان جي ڳوٺ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، اسان جي ڳوٺ ۾ لڳ ڀڳ 300 کان مٿي ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي، اسان ڳوٺاڻا اٽڪل 20 سالن کان پنهنجي مدد پاڻ تحت اسڪول هلائي رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان جي ڳوٺ کانگورنمينٽ جا اسڪول 7 ڪلوميٽر پري هجڻ ڪري معصوم گلن جھڙن ٻارڙن کي اچ وڃ لاءِ ڏکيائيون درپيش آهن، وڏو وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير  ۽ ٻيا نوٽيس و ٺن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.