سکر ۾ آبپاشي عملي تي تشدد خلاف احتجاج

سکر (رپورٽر) متحدا ايريگيشن ايمپلائيز يونين سکر بئراج پاران 2 ڏينهن اڳ نارا ڪئنال واري علائقي ۾ غير قانوني ڪيل حددخليون هٽائڻ دوران آبپاشي کاتي جي ايس ڊي او اسحاق مهيسر، سب انجنيئر ۽ ٻئي عملي تي تشدد ڪري زخمي ڪرڻ واري واقعي خلاف سکر بئراج وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين پوليس ۽ جوابدار خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي خادم حسين کوسو غلام نبي جاگيراڻي، محمد الياس ميمڻ، عبدالوهاب، هادي بخش ميراڻي ۽ ٻين چيو ته 2 ڏينهن اڳ عدالت جي حڪم تي حددخليون هٽائيندڙ آبپاشي عملي سان پوليس جي موجودگي ۾ متاثر ماڻهن پاران تشدد ڪيو ويو، اهڙي واقعي جو هن وقت تائين ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو، . جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته پوليس ۽ جوابدار خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.