منھنجي اولين ڪوشش آھي ته زرعي بئنڪ برانچ مورو کي فعال بڻايان: ڪامل خان

مورو (ت ر) منھنجي اولين ڪوشش آھي ته زرعي بئنڪ براچ مورو کي فعال بڻايان ۽ زميندارن کي ۽ ھارين کي رليف ڏيان زرعي بئنڪ برانچ مورو جي مئنيجر ڪامل خان جي نيشنل پريس ڪلب جي صحافي سان خصوصي ڳالھ ٻولھ ،پيرائتي خبر موجب زرعي ترقياتي بئنڪ برانچ جي مئنيجر رئيس ڪامل خان زرداري مورو نيشنل پريس ڪلب مورو جي صحافي علي شير ڏيپر سان بئنڪ ۾ پنھنجي آفيس ۾ خصوصي ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته منھنجي اولين ڪوشش آھي ته زرعي ترقياتي بئنڪ مورو کي فعال بڻايان پر اھو تڏھن ممڪن ٿي سگھي ٿو.  جڏھن زميندار ۽ بئنڪ جا باقيدار مون سان مڪمل تعاون ڪندا، اگر بئنڪ جا قرضي مون سان تعاون ڪن ۽ کنيل قرض بئنڪ ۾ پيارين ته کين رليف ڏنو ويندو ھن وڌيڪ چيو ته اگر زميندارن ۽ آبادگارن مون سان تعاون نه ڪيو ۽ بئنڪ مان کنيل قرض واپس نه ڪيو ته مجبورن زرعي ترقياتي بئنڪ  مورو جي قرضين خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ان موقعي تي مورو جي ڪاروباري ۽ معتبر شخصيت راؤ محمد اشفاق راجپوت ۽ راؤ شاھد به موجود ھو

تعليم ۽ خواندگي کاتي جي گڏيل جاچ وفد جو ڏوڪري جي اسڪولن جو دورو، تعليمي معيار تي اطمينان جو اظهار

ڏوڪري(ت ر)سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي جي گڏيل جاچ وفد ڏوڪري تعلقي جي مختلف اسڪولن جو دورو ڪيو.سنڌ ريفارمز سپورٽ يونٽ لاڙڪاڻو جي ضلعي ڪوآرڊينيٽر حافظ ظفرالدين قاضيءَ جي سربراهيءَ ۾ سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي جي گڏيل جاچ وفد جنهن ۾ تعلقا ايجوڪيشن آفيسر پرائمري (ميل) محمد عثمان کوکر، مانيٽرنگ اسسٽنٽ سيد شاهد علي شاھ شامل هئا ڏوڪري تعلقي جي مختلف اسڪولن گورنمينٽ بوائز ۽ گرلس پرائمري اسڪول ڌڻي بخش جوڻيجو، گورنمينٽ بوائز ۽ گرلس پرائمري اسڪول حاجي لعل بخش شيخ، گورنمينٽ بوائز ۽ گرلس هاءِ اسڪول حاجي لعل بخش شيخ ٻلهڙيجي جو دورو ڪيو. . هن دري جو مقصد بغير سيميز ڪوڊ جي هلندڙ ڪجھ اسڪولن جي اهليت ۽ تعليمي معيار جاچڻ ھيو ته جيئن انهن اسڪولن کي سيميز ڪوڊ يا ٽريڪنگ آءِ ڊي ڏئي سنڌ جي تعليم کاتي جي ويب سائيٽ جي ڊجيٽل ڊيٽا ۾ شامل ڪري سگهجي. سيميز ڪوڊ ملڻ کانپوءِ انهن اسڪولن کي باقاعده ايس ايم سي فنڊز، عملو ۽ ٻيون سهولتون ملي سگهنديون. وفد بنا سيميز ڪوڊ جي هلندڙ اسڪولن سميت ڀروارن سيميز ڪوڊ مليل  اسڪولن جو پڻ دورو ڪيو جتي لاڳاپيل اسڪولن جي انتظامي سربراهن کان نه صرف اسڪولن ۾ داخلا شرح ۽ ٻيا گهربل انگ اکر ورتا بلڪه ڪلاسن ۾ وڃي شاگردن کان مختلف مضمونن مان آڏي پڇا ڪري تعليمي معيار کي چڪاسيو. ان موقعي تي وفد جي سربراهه حافظ ظفرالدين قاضي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته “استادن جي کوٽ ۽ سهولتن جي کوٽ جي باوجود اسڪول بهترين نموني هلي رهيا آھن تنهنڪري بنا سيميز ڪوڊ جي هلندڙ اسڪولن جي اهليت مطابق کين سيميز ڪوڊ ڏيڻ جي سفارش ڪئي ويندي.“ هن  گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول حاجي لعل بخش شيخ جي ڏهين ڪلاس جي شاگردن جي غير معمولي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو ۽ اسڪول جي مثالي استاد سيد گدا حسين بخاري ۽ انچارج هيڊ ماستر قاضي آفتاب احمد جوڻيجو لاءِ ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ ضلعي جي تعليمي سربراھ کي تعريفي خط لکڻ جي سفارش ڪئي.

مبارڪپور ۾ قلم ڌڻين جو سکر جي صحافي جي گهر مٿان پوليس چڙهائي خلاف احتجاج

مبارڪپور(ن ع آ)پريس ڪلب مبارڪپور جي صدر مشتاق کوسو جي اڳواڻي ۾ ممتاز ڀٽو ساگر مهر، بهادر ڀٽو، مهر قربان ، محمد موسىٰ ٽڪري ، وحيد کوسو ۽ موسي ٽڪري پريس ڪلب مبارڪپور کان مسجد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ قلم ڌڻين چيو ته سکر پوليس ۽ شڪارپور پوليس وانگر پئي وهي ناحق صحافين جي گهر مٿان چڙھائي ڪري صحافي کي تشدد ڪيو ويو آهي اسان آئي جي سنڌ مشتاق مهر وزير آعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ نوٽس وٺي ملوٽ پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.