سنڌ هاري ڪميٽي ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 2000 رپيا في مڻ رد ڪري ڇڏيو

ڏوڪري (ت ر)سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ مير منور ٽالپر، سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ ڏامرو مل ۽ اڳوڻي مرڪزي صدر ڪامريڊ گلاب پيرزادي، ڪامريڊ ٺاري ماڇي ۽ ٻين ڏوڪري تعلقي جي هاري ڪاميٽي جي مختلف يونٽن جي دوري دوران ڪوٺايل تقريبن ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته حڪومت ڪڻڪ جو اگھ 2,000 روپيا مقرر ڪري هارين ۽ آبادگارن طرفان فصل تي ٿيل لاڳت ٿي ويل خرچ جو صحيح ڪاٿو ناهي لڳايو، اهو اگھ گهٽ ۾ گهٽ 2500 سئو هجڻ گهرجي . ان سان گڏ حڪومت اٽي جي اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فلور ملن کي سهڪاري سبسيڊائيز قيمت تي ڪڻڪ ڏئي، عام ماڻهو کي سستي اگھ تي اٽو مهيا ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته زرعي دوائون، ڀاڻ، ڊيزل، ٽريڪٽر جي اسپيئر پارٽس ۽ زرعي اوزارن جون قيمتون ٻيڻ تي مهانگيون ٿي چڪيون آهن. ان کان سواءِ وڏو ظلم تہ اهو آهي تہ زرعي دوائون نقلي ۽ مدي خارج ۽ اڻ تصديق ٿيل وڪرو ٿيڻ سبب زراعت تباھ ٿي رهي آهي. زراعت جي تباهي سڀ کان وڌيڪ هاري ۽ ننڍي آبادگار جي معاشي حالت ڪسمپرسيءَ ڏانهن ڌڪجي وئي آهي. ڳواڻن چيو ته سنڌ جو عام ماڻهو عام طور ۽ هاري، ننڍو آبادگار خاص طور خانگي وياج خورن جي وياج ۾ جڪڙجي رهيا آهن، ۽ انهن جا قرض راتو رات ڏهوڻا ٿي وڃن ٿا. صورتحال ورهاڱي کان اڳ واري بڻجي رهي آهي، انڪري ٿر ۾ تہ ماروئڙا خودڪشي ڪري رهيا آهن. اڳواڻن چيو تہ صوبي پختون خواہ ۽ پنجاب ۾ خانگي وياج خوري خلاف قانون ٺهي چڪا آهن. سنڌ حڪومت کان گهر ڪجي ٿي ته سنڌ ۾ به قانونسازي ڪري ماڻهن کي وياج خورن جي ظلم کان نجات ڏياري. اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ ان ڳالھ تي زور ڀريو تہ هارين ۽ ننڍن آبادگارن کي منظم ٿي پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ پاڻ جدوجهد ڪرڻي پوندي، وڏيرن جي پارٽين مان اجايو آسرا ختم ڪرڻ گهرجن.  ان موقعي تي سنڌ هاري ڪاميٽي ضلعي لاڙڪاڻي جا اڳواڻ عاجز ماڇي، اڪرم مڱريو، سائٿ سومرو ،ڪامريڊ ٺارو ماڇي ،ماما رمضان ساريو، غلام رسول مڱريو ۽ حاڪم منگي ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.