ٽنڊو مستي لڳ ڳوٺاڻن کي ڪي اليڪٽرڪ معاوضو نه ڏنو، احتجاج

ٽنڊومستي (ن ع آ)  ٽنڊومستي جي ڳوٺ ميرمحمد وساڻ جي رهواسين اقبال علي وساڻ، فيض محمد وساڻ، اسدالله وساڻ، عبيد الله وساڻ، سعيد احمد وساڻ، عبدالغفار وساڻ ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ پاران ٿر جي ڪوئلي مان بجلي جي لائين پنجاب طرف ڏانهن نئين لڳايل لائين جيڪا هاڻي اسٽارٽ ٿي چڪي آھي   پر هن محل تائين اسان کي پنهنجي زمين تي جيڪي کجين جا وڻ ۽ ٻيا وڻ موجود هئا جيڪي انهن کٽرائي ڇڏيا هئا جڏھن ته پوري علائقي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي آفيسرن سڀني آبادگارن کي زمين ۽ وڻن جو معاوضو ڏئي ڇڏيو آھي ۽ اسان کي معاوضي لاءِ رلائي رهيا آھن، ان موقعي تي هنن وڌيڪ ڪي اليڪٽرڪ جي ايڪسين مجاهد حسين گوپانگ مٿان الزام هڻندي چيو ته جاڻايل آفيسر اسان کي گذريل ٻن سالن کان رلائي رهيو آھي  هو ڌمڪائي رهيا آهن، چيف جسٽس نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.