پيرڳوٺ واسين جو سول اسپتال جي ڊاڪٽر خلاف احتجاج

پيرجوڳوٺ ( ن ع آ ) وڏا ماڇيون لڳ ڳوٺ مانگ ٽڳڙ ۾ برادري جي بااثرن پاران هڪ مھينو اڳ مبينا قتل ڪيل نوجوان ظهور احمد ٽڳڙ جي وارثن عبيد الله ٽڳڙ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته اسان جي قتل ڪيل نوجوان جو سول اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر خوبچند سرٽيفڪيٽ ۾ نوجوان کي مذھب واري خاني ۾ غيرمسلم ڄاڻائي وڏو ناحق ڪيو آھي، جنهن سبب مقتول جي وارثن ۽ علائقي واسين ۾ ڊاڪٽر جي خلاف ڪاوڙ جي لھر ڇانيل آھي، هنن دانھيندي چيو ته ڄاڻايل ڊاڪٽر اڳ به ڪيترن ئي سرٽيفڪيٽن ۾ تحريري طور تاريخي غلطيون ڪيون آھن، جيڪي داخل ڪرايل ڪيسن ۾ اثر انداز ٿي رھيون آھن،  اسپتال انتظاميا ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر وٽ ڄاڻايل ڊاڪٽر خلاف ڪيتريون ئي درخواستون ڪيون ويون آھن پر تدارڪ نه پيو ڪيو وڃي، هنن صحت جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو آھي ته ڊاڪٽر خلاف ڪاروائي ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.