دڙي ۾قديمي قبرستان ديوار کان محروم،ڪتا گهمڻ لڳا

دڙي( ن ع آ) دڙي جي قديمي پير ڦل قبرستان کي چوديواري نہ هجڻ ڪري رولو ڪتن قبرستان اندر ديرا ڄمائي ورتا آهن جڏهن تہ رولو ڪتن هڪ دفعو ٻيهر ڪجھ مهينا اڳ دفن ڪيل ٻار جي قبر کوٽي لاش مبينا طور کائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جڏهن تہ ڪفن قبر جي ٻاهران هٿ آيو آهي جنهن تي رت جا نشان لڳل آهن قبرستان جي سار سنڀال لاءِ ماڻهو مقرر نہ هجڻ ۽ چوديواري نہ هجڻ ڪري رولو جانورن پاران قبرن ۽ لاشن جي بي حرمتي وارو سلسلو جاري آهي ڪجھ مهينا بہ رولو ڪتن پاران هڪ قبر مان دفن ڪيل لاش ڪڍي کائي ڇڏيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.