ڪنري ۾ معذورن جي زيادتين خلاف بک هڙتال

ڪنري (ت ر) ڪنري ۾ معذور اتحاد پاران انصاف جو جنازو ڪڍي انوکو احتجاج، الله واري چوڪ کان پريس ڪلب تائين انصاف جو علامتي جنازو کڻي ڌرڻو سخت نعريبازي، علامتي بک هڙتال ڪيمپ کي 28 ڏينهن گذري ويا، تڪ جي چونڊيل نمائندن نوٽيس نه ورتو، تفصيل موجب ٽائون ڪميٽي ڪنري اڳيان مطالبن جي مڃتا لاء ويٺل معذورن کي 28 ڏينهن گذرڻ باوجود مطالبا پورا نه ٿي سگهيا جنهن سبب گذريل ڏينهن معذور اتحاد تعلقي ڪنري جي اڳواڻ قاضي سانوڻ، علي محمد جلباڻي، رميش ڪمار، ڀرت لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ معذورن الله واري چوڪ کان پريس ڪلب ڪنري تائين علامتي انصاف جو جنازو ڪڍي انوکو احتجاج ڪيو ۽ ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي سندن چوڻ هو ته اسان ڪجه ڏينهن اڳ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ملڪ چانڊيو جي چوڻ تي ڊي سي عمرڪوٽ نديم الرحمان ميمڻ سان به ملاقات ڪئي ليڪن ڊي سي پاران اسان کي اهو چئي واپس روانو ڪيو ويو ته مون وٽ ڪي به نوڪريون ناهن. هنن صرف روايتي ڳاله ڪئي جنهن مان اسان مطمئن نه ٿياسين جنهن ڪري اسان واپس  اچي وياسين هنن چيو ته اڄ اسان کي بک هڙتالي ڪيمپ تي ويٺي 28 ڏينهن گذري ويا آهن پر اسان جي تڪ جي چونڊيل نمائندن مان ڪو به لڙي ناهي آيو. معذورن چيو ته اسان جا مطالبا جيستائين منظور نه ٿا ٿين تيستائين اسان جي بک هڙتال ڪيمپ ۽ احتجاج جاري رهندا ڇو ته اڄ انصاف جو جنازو نڪري چڪو آهي اسان جا مطالبا جلد منظور نه ڪيا ويا ته اسان علامتي ڦاھيون کائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.