ڪڪڙ لڳ اکين جي مفت 3 روزه ڪئمپ لڳائي وئي

ڪڪڙ ( ن ع آ )  پ پ ايم پي اي انجينئر عبدالعزيز جوڻيجي جي نگراني ۾ سندس پٽ شھيد فھد اڪيڊمي ڪي اين شاھ   طرفان جن جي ايثال ثواب لاءِ خانپور جوڻيجو جي بوائز ھاءِ اسڪول ۾ 3 روزھ مفت طبي اکين جي نائين سالياني ڪئمپ لڳائي وئي، جن جو ڪراچي مان آيل اکين جي ماھر ڊاڪٽر طبير عالم نالي واري مشھور سماج سڌارڪ اديب اکين جي ماھر ڊاڪٽر محمد خان شيخ، پ پ ضلعي دادو اڳواڻ اسد علي جوڻيجو، زبير احمد جوڻيجي سميت ٻين سان گڏجي ڪيو افتتاح دوران غلام عباس جوڻيجو  ڊاڪٽر غلام رسول شيخ پ پ تعلقي صدر لالا اعجاز چانڊيو جنرل سيڪريٽري ايم ھاشم لانڍر قربان سيال عبدالرشيد شيخ سميت ٻين ڪيو.  ان موقعي تي تقريب ڪوٺائي وئي علائقي جي اھم شخصيتن ۽ علاج لاء آيل مريضن شرڪت ڪئي آيل مھمانن کي جوڻيجا  ڀائرن پاران ثقافتي اجرڪ ۽ ٽوپين پارايون ويون ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ اسد علي ۽ زبير احمد جوڻيجو چيو آھي ته اسين شھيد فھد جوڻيجي اڪيڊمي طرفان سندن جي ايثال ثواب لاءِ مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي آھي،پھرين ڏينھن  ۾ 300 کان وڌيڪ مريض پھتا 50 مريضن جو آپريشن ڪيو ويو باقي ٻين مريضن کي چڪاس ڪري کين اکين جا ڦڙا ڏنا ويا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.