سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيو، کهڙن ۾ احتجاج

کهڙا ( ن ع آ )  کهڙا شھر واسين شاعرن. اديبن. ليکڪن مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي انهي حوالي سان سنڌ جي مشھور نوجوان شاعر عبدالرزاق اڄڻ چيو آھي ته سنڌي ٻولي دنيا جي سڀني کان قديم ۽ شاهوڪار ٻولي آھي. سنڌ جي مادري ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ملڻ گهرجي. جڏھن ته شاعر ۽ اديب اسير نديم علي مغل چيو آھي ته  ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي ٻولين کي مڃتا جو درجو ڏنو وڃي. عبدالحڪيم شر چيو آھي ته سنڌي ٻولي کي ڪيترن ئي سالن کان وٺي قومي ٻولي جو درجو نٿو ڏنو وڃي . جڏھن ته حليم الله سومري. شاعر وفا مظھر چانڊيي. مبين اڄڻ پڻ مطالبو ڪيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.