لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن خلاف مظاهرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ پاڙي ۽ ڳوٺ گلاب ڀٽو جي رهواسي ڀٽا ذات جي ماڻهن پاران بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي حسين بخش ڀٽو، جاويد ڀٽو، بخشل ڀٽو، محمد حسن ڀٽو، دين محمد ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان جي وڏڙن جي نالي تي باقراڻي تعلقي جي ديھ ڏانداڙو ۾ 20 ايڪڙ زرعي زمين آهي، جنهن جو سمورو رڪارڊ پڻ اسان وٽ موجود آهي. هنن الزام لڳائيندي چيو ته علائقي جا بااثر نثار ڀٽو، جنسار ڀٽو ۽ ارشاد ڀٽو لکين روپيا ڀتو طلب ڪري رهيا آهن، جنهن کان انڪار تي زمين مٿان قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته ڳوٺ گلاب ڀٽو ۾ اسان جي مائٽ محمد حسن ڀٽو سال 2008ع ۾ 15 گهنٽه زمين لعل بخش شيخ ۽ فدا حسين شيخ وارن کان اڍائي لک روپين عيوض خريد ڪئي هئي، جنهن جا ڪاغذ پڻ سندس نالي تي آهن، جڏهن ته ڄاڻايل پلاٽ تي محمد حسن ڀٽو پلاٽنگ ڪري ڪجھ پلاٽ وڪرو پڻ ڪيا آهن، جڏهن ته لعل بخش شيخ سندس ڀائر پوليس اهلڪار فدا حسين، پوليس اهلڪار نبن شيخ ۽ پوليس اهلڪار جهانگير شيخ پلاٽن تي تعمير ڪرڻ نه ٿا ڏين جيڪي وردي جي زور تي اسان کي ٻه لک روپيا ڀتو ڏيڻ لاءِ مسلسل تنگ ڪري رهيا آهن، اسان اهڙيون دانهون حد جي پير شيز ايٽ عاقل ٿاڻي تي ڏنيون آهن، پر پوليس بااثرن خلاف ڪائي به ڪاروائي نه پئي ڪري، جڏهن ته پوليس کي شڪايت ڪرڻ تي ڄاڻايل سمورا بااثر موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڀتو طلب ڪندڙ بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڏئي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.