سنڌ پوليس متحده  باني وانگر شهر تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي: گورنر عمران اسماعيل

گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو آهي ته سنڌ پوليس متحده  باني وانگر شهر تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي ، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪري جيل ۾ نانگ ڇڏيو ويو ۽ ان تي تشدد ڪيو ويو ، گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گورنر سنڌ عمران اسماعيل جو چوڻ هو  ته حليم عادل شيخ کان پوءِ سمير شيخ کي به گرفتار ڪري ان تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،  سندس چوڻ هو  ته آءِ جي کي هٽائڻ لاءِ وزيراعظم کي خط لکيو آهي، پوليس پنهنجو ڪم ڪري اپوزيشن  خلاف ڪارروائيون نه ڪري ٻي صورت ۾ وفاق  مداخلت ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو،

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گورنر راڄ نه پيو لڳايو وڃي، آءِ جي تبديل ٿي سگهي ٿو

رپورٽ- عارف نائچ

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.