پاڪستان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تيار ڪري ورتي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تيار ڪري ورتي.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اليڪٽرانڪس اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تيار ڪري ورتي آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن جي هڪ حصي ۾ چونڊ نشان هوندا، جڏهن ته ٻيو حصو پريزائيڊنگ آفيسر وٽ هوندو.

هن چيو ته پريزائيڊنگ آفيسر ئي ووٽنگ مشين آن ڪري سگهندو، مشين ذريعي ووٽر ڪنهن به نشان تي ڪلڪ ڪري ووٽ وجهي سگهندو.

سندس چوڻ هو ته چونڊ نشان تي ڪلڪ ڪرڻ سان اليڪٽرانڪ ووٽ ڪاسٽ ٿي ويندو، مشين ذريعي نه رڳو اليڪٽرانڪ ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهبو پر بيلٽ پيپر به پرنٽ ٿي سگهندا.

فواد چوڌري موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اليڪٽرانڪس زبردست ڪم ڪيو آهي، مشين تي ڪم جاري ۽ آخري مرحلي ۾ آهي.

فواد چوڌري چيو ته ان سان چونڊون پرامن ٿينديون ۽ ڌانڌلي مان ڇوٽڪارو ملي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.