”عالمي برادري ڀارت کي پاڪستان خلاف ڪوڙي پروپئگنڊا کان روڪي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته ڀارت کي پاڪستان خلاف ڪوڙي پروپئگنڊا کان روڪيو وڃي.

اسلام آباد ۾ اي يو ڊس انفو ليب رپورٽ بابت سيمينار کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو اميد ته شرڪت ڪندڙ اي يو ڊس انفو ليب جي جاچ رپورٽ کان باخبر هوندا، ڀارت طرفان پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوششن کي وائکو ڪيو ويو.

هن چيو ته اي يو ڊس انفو ليب جي ٻي جاچ رپورٽ 9 ڊسمبر 2020 ۾ منظر تي آئي، ڀارتي نيٽ ورڪ دنيا جي اهم شهرن ۾ پاڪستان خلاف ڪوڙي مواد جي تياري ڪندو رهيو، يورپي يونين ادارن جا نالا جعلي طور استعمال ڪيا ويا.

سندس چوڻ هو ته جعلي نيٽ ورڪ کي ڀارت سان واسطو رکندڙ سري واستوا گروپ هلائي رهيو هو، ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت ڊوزيئر ذريعي دنيا سامهون پيش ڪيا ويا، يورپي يونين جي اعليٰ سطحي نمائندي کي خط ذريعي سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو.

پرڏيهي وزير مطالبو ڪيو ته عالمي برادري ڀارت کي پاڪستان خلاف ڪوڙي پروپئگنڊا جي مشهوري کان روڪي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.