اوپو جي فائنڊ ايڪس 3 سيريز جي فونز جون تصويرون ليڪ ٿي ويون

اوپو جي نئين فليگ شپ فائنڊ ايڪس 3 سيريز جا فونز جلد متعارف ڪرائڻ جا امڪان آهن.

پر انهن جون تصويرون وقت کان اڳ منظر تي اچي ويو آهن.

فائنڊ ايڪس 3 سيريز جا گهٽ ۾ گهٽ 3 فونز پيش ڪرڻ جا امڪان آهن جنهن ۾ فائنڊ ايڪس 3 نيو، فائنڊ ايڪس 3 پرو ۽ فائنڊ ايڪس 3 لائٽ شامل آهن.

رپورٽ موجب اِهي ٽئي فونز مارچ ۾ متعارف ڪرائي سگهجن ٿا جنهن مان فائنڊ ايڪس 3 نيو اوپو جي رينو 5 پرو پلس 5 جي جو ري برانڊ ماڊل هوندو.

جيڪڏهن هي واقعي ري برانڊز ماڊل هوندو ته ان ۾ امڪاني طور تي اسنيپ ڊراگون 865 پراسيسر، 4500 ايم اي ايڇ بيٽري 65 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ، 6.55 انچن جو 90 هرٽز او ايل اي ڊي ڊسپلي، 4 بيڪ ڪيمرائن جهڙا فيچرز هوندا، جنهن ۾ مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل وائيڊ اينگل، 13 ميگا پڪسل ٽيلي فوٽو، 16 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ۽ 2 ميگا پڪسل ڪيمرا شامل هوندي.

فائنڊ ايڪس 3 پرو بلڪل نئين ڊيوائس هوندي جنهن ۾ اسنيپ ڊراگون 888 پراسيسر هئڻ جا امڪان آهن.

اهڙيءَ طرح 6.7 انچن جو ڊسپلي 120 هرٽز ريفريش ريٽ سان گڏ هوندو جڏهن ته 4500 ايم اي ايڇ بيٽري 65 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ هوندي.

ليڪس موجب ان ۾ 2 ڪيمرائون 50، پنجاهه ميگا پڪلسز جون هونديون جنهن مان هڪ وائيڊ اينگل ۽ ٻي الٽرا وائيڊ اينگل هوندي جڏهن ٽه ٽئين 13ميگا پڪسل ڪيمرا 2 ايڪس آپٽيڪل زوم سان گڏ ۽ چوٿين 3 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرا هوندي.

هي ميڪرو ڪيمرا 25 ايڪس ڊيجيٽل زوم جي سهولت فراهم ڪندي ۽ مائيڪرو اسڪوپ جيان ڪم ڪري سگهندو.

جيستائين فائنڊ ايڪس 3 لائٽ جي ڳالهه آهي ته اِهو امڪاني طور تي ري برانڊڊ اوپو رينو 5 فائيو جي هوندو.

يعني امڪاني طور تي 6.43 انچن جو 9 هرٽز او ايل اي ڊي ڊسپلي سان ليس هوندو جڏهن ته بيڪ تي 4 ڪيمرائون ڏنيون وينديون.

انهن مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جي هوندي جڏهن ته هڪ 8 ميگا پڪسل الٽراوائيڊ، هڪ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 1 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرا شامل هوندي.

ان فون ۾ اسنيپ ڊراگون 765 جي پراسيسر ٿي سگهي ٿو جڏهن ته 4300 ايم اي ايڇ بيٽري 65 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ هوندي.

ٽئي فون مارچ ۾ متعارف ڪرايا ويندا ۽ اپريل ۾ صارفن کي ملي سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.