پي ايس ايل: حفيظ ۽ فخر جون شاندار ففٽيون، قلندرز جي لڳاتار ٻي فتح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ 6 جي چوٿين ميچ ۾ لاهور قلندرز جي ٽيم محمد حفيظ ۽ فخر زمان جي شاندار بيٽنگ جي مدد سان ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 9 وڪيٽن سان شڪست ڏئي ڇڏي.

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز طرفان مليل هدف لاهور قلندرز هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 10 بال اڳ ۾ حاصل ڪري ورتو.

لاهور قلندرز جو آئوٽ ٿيندڙ اڪيلو رانديگر ڪپتان سهيل اختر هو، جنهن 21 رنسون ٺاهيون.

ان کان اڳ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنسون ٺاهيون.

ڪوئيٽا طرفان ڪرس گيل 68 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جنهن ۾ 5 ڇڪا ۽ 5 چوڪا شامل هئا، جڏهن ته ڪپتان سرفراز احمد 40 رنسن سان ٻيو ٽاپ اسڪورر رهيو.

لاهور قلندرز طرفان حارث رئوف 3 وڪيٽون وٺي سڀ کان ڪامياب بالر رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.