گمبٽ : سنت نگر ۾ شري رام ديو اوتار راما پير جو ساليانو ميلو پڄاڻي تي پهتو

گمبٽ جي سنت نگر ۾ شري رام ديو اوتار راما پير جو ساليانو ميلو پڄاڻي تي پهتو جنهن ۾ پوجا پاٺ پراٿنائون  ڪري ملڪي خوشحالي لاءِ دعائون پڻ گهريون ۽ صوفياڻي محفل پڻ مچائي وئي، ان موقعي تي شري رام ديو  راما پير جي زندگي تي ٻڌل شاعري وسيلي موسيقارن ڀڄن ڳائي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ، سالياني ميلي ۾ ھندو برادري سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن صوفين سنتن وڏي انگ  ۾شرڪت ڪئي، ھوڏانھن  صوفي محفل ۾ ڀڳت راڻا سنگهه. ٺاڪر داس شاھن فقير بگٽي گرمک داس. بابو را۽ سر وکيري محفل ۾  ويٺل ماڻهن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو

رپورٽ- محمد علي اڄڻ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.